حڪيم عبدالرئوف

حڪيم عبدالرئوف: حڪيم عبدالرئوف عالم، شاعر ۽ ڪمال جو صاحب هو. ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته: حڪيم عبدالرئوف وڏو لياقت وارو مرد، صاحب ڪمال ۽ مير عبدالجليل بلگراميءَ جي سنگتين مان هو. هيءُ نواب خدايار خان ڪلهوڙي جي دؤر ۾ وڏي عهدي تي فائز هو. کيس حڪمت ۽ موسيقيءَ جي فن ۾ ڪمال درجي جي مهارت حاصل هئي. هن موسيقيءَ جي علم تي ’ابولانغم‘ نالي هڪ ڪتاب به لکيو.


لفظ حڪيم عبدالرئوفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو